حيدرآباد جي ماتمي جلوس مٿان حملو،7 عزادار سخت زخمي

در . حيدرآباد

55530a8cd5160حيدرآباد ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارڪنن  عزادارن مٿان حملو ڪري ڏنو، فائرنگ، 3 عزادار زخمي، سخت ڇڪتاڻ، آرمي، رينجرس ۽ پوليس جا وڏا اٽالا پهچي ويا، صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو، حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد پٺاڻ ڪالوني واري علائقي ۾ عزادارن جو قافلو مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اچي رهيو هو ته، اوچتو هڪ پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارڪنن عزادارن مٿان حملو ڪري ڏنو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 7 عزادار زخمي ٿي پيا، جنهن کانپوءِ صورتحال سنگين ٿي وئي، واقعي جي اطلاع تي حيدرآباد شهر ۾ سخت خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو، وڏي انگ ۾ آرمي، رينجرز ۽ پوليس جا اٽالا پهچي ويا، جن صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو، واقعي ۾ زخمي ٿيل عزادارن کي کڻائي سول اسپتال حيدرآباد ۾ پهچايو ويو، جتي کين طبي امداد ڏئي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن عزادارن پاران واقعي خلاف پٺاڻ ڪالوني ۾ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، حيدرآباد پوليس ۽ انتظاميا عزادار تنظيم جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري کين انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 13 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي