
پي آءِ اي جي لنڊن ويندڙ اڏام مان ڪروڙين رپين جي ماليت جي هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد جي بينظير انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 785 لنڊن روانگي لاءِ تيار هئي ته اينٽي نارڪو ٽڪس فورس ۽ ايئرپورٽ سڪيورٽي فورسز هنگامي طور ڪارروائي ڪندي جهاز کي روڪي ورتو. لاڳاپيل ادارن ۽ انجنيئرن جهاز جي اسڪيننگ ڪئي ته ڪيٽرنگ جي سامان ۾ لڪايل 19 ڪلو هيروئين هٿ ڪئي وئي جنهن جي ماليت ڪروڙين رپيه ٻڌائي پئي وڃي. ايئرپورٽ ذريعن موجب جهاز صبح ساڍي 10 وڳي پئرس کان اسلام آباد پهتو ۽ لنڊن وڃي رهيو هو، وزيراعظم جي نياڻي مريم نواز کي به ساڳي جهاز ۾ لنڊن وڃڻو هو. ڪارروائي دوران پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جو تعلق ڪيٽرنگ عملي سان آهي.
Tags: