واٽس ايپ پاران نئون پرائيويسي فيچر متعارف

در . ٽيڪنالوجي

واٽس ايپ پنهنجي سڪيورٽي ۽ پرائيويسي ۾ واڌ ڪندي اپ ڊيٽس جاري ڪيا آهن، جنهن کان پوءِ ڪنهن به پيغام کي هيڪ ڪري پڙهڻ ناممڪن ٿي ويندو. نئين سڪيورٽي فيچر جي بنياد تي هاڻي ميسيجنگ دوران ٻنهي طرفان انڪرپشن ۽ اڪائونٽ جي تصديق ٿي وئي آهي ۽ هاڻي رڳو استعمال ڪندڙ جو فون نمبر وجهڻ سان ڪم نه هلندو، ان لاءِ ڪنهن به نئين موبائيل تي لاگ آن ٿيڻ لاءِ 6 نمبرن وارو ڪوڊ ڊائل ڪرڻو پوندو، هي فيچر گذريل سال ڪجهه هزار اڪائونٽن تي آزمايو ويو هو پر هاڻي واٽس ايپ اينڊرائيڊ، آءِ او ايس ۽ ونڊوز لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي، جنهن جو باقاعدا آغاز ٿي چڪو آهي پر اهو فيچر هر صارف تائين پهچڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي ويندا.  واٽس ايپ جي نئين سڪيورٽي فيچر جي ڪري ڪنهن به نئين موبائيل ۾ لاگ آن ٿيڻ لاءِ 6 انگن وارو پاس ورڊ وجهڻو پوندو آهي، هي فيچر هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين انڪرپشن فراهم ڪرڻ جي به صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته هيڪرز ۽ سائبر حملو ڪندڙ اوهان جا پيغام نه پڙهي سگهندا.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 17 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي