
ايران جي صدارتي چونڊن ۾ حسن روحاني ڪامياب ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي سربراهه علي اصغر احمدي سرڪاري ٽي وي تي اعلان ڪيو ته تقريبن سمورن ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي ۽ حسن روحاني کي تقريبا 4 ڪروڙ ووٽن مان 2 ڪروڙ 30 لک ووٽ مليا آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب حسن روحاني جي مخالف اميدوار کي تقريبا هڪ ڪروڙ 16 ووٽ مليا آهن. ايران جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته ٽرن آئوٽ اميدن کان وڌيڪ رهيو ۽ 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ووٽ وڌا ويا. صدر حسن روحاني جي مخالف ابراهيم رئيسي ووٽنگ ۾ بي ضابطگين بابت شڪايت ڪئي آهي. هن چيو ته حسن روحاني جي حامين ووٽنگ بوٿ تي سندس حق ۾ واويلا ڪئي جيڪا اليڪشن قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. اليڪشن ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ماڻهن جي درخواست ۽ جذبي کي ڏسندي ووٽ وجهڻ جي وقت ۾ اضافو ڪيو ويو.
Tags: