سيد حسن نصر الله مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل

در . آفريڪا ۽ ايشيا

لبنان جي تنظيم حزب الله جي سربراهه سيد حسن نصر الله سڀني لبناني گروپن سان ملڪ جي سياسي ڍانچي تي ڌيان ڏيڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن پنهنجي ٽي وي خطاب ۾  چيو ته لبنان جي سرحدن جي تحفظ جي حوالي سان لبناني فوج ۽ تحريڪ مزاحمت جوڳي آهي. سيد حسن نصر الله لبنان جي سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته حزب الله دهشتگرد گروپ جو مقابلو ڪرڻ ۾ لبناني فوج سان گڏ آهي. هن لبنان ۾ پيدا ٿيندڙ سرچاءَ تي خوشي جو اظهار ڪندي اميد ڏيکاري ته اهو سرچاءُ ملڪ ۾ صدر جي چونڊ تي ٻڌل هوندو. هن چيو ته لبنان ۾ صدارت جي عهدي تي چونڊ جي کوٽ سياسي، معاشي سيڪيورٽي جي حوالي سان لبنان جي حڪومت ۽ عوام لاءِ گهڻن مسئلن جو سب بڻيل آهي.

راءِ ڏيو


سيڪورٽي ڪوڊ
ريفريش

منتظم اعلى
Send a message via Yahoo to منتظم اعلى Send a message via Skype to منتظم اعلى
چيف ايڊيٽر
Send a message via Skype to چيف ايڊيٽر

اسان سان گڏ 12 مهمان ۽ 0رڪن آن لائن آهي